اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان پنهنجي 74 سالن جي سفر دوران ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ گڏيل تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، ملڪ جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسان ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، اڄوڪي ڏينهن قوم وچن ڪندي ته اسان قائداعظم جي نظرين تي عمل ڪندي پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين.
پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ??هاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چي?? ته مون پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ??هاڙي جي پرمسرت موقعي تي پنهنجي وطن واسين جي خوشي ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اهو ڏينهن اسان کي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ ٺاهيو، کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چي?? ته پنهنجي 74 سالن واري سفر دوران پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو، پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ قوم جي تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، پاڪستاني قوم هڪ ذهين ۽ بهادر قوم آهي ۽ مختلف شعبن ۾ اسان جون نمايان ڪاميابيون اسان کي ٻين قومن کان مشهور ڪن ٿيون،
صدر چي?? ته دنيا کي ان ڳالهه جي تعريف ڪرڻي پوندي ته پاڪستان انفرادي طور تي دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي ۽ آخر ڪار ان لعنت کي شڪست ڏني. اهڙي طرح پاڪستان جو جوهري طاقت بڻجڻ به هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ اسان جي جوهري صلاحيتن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو ??هي. صدر عارف علوي چي?? ته اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو ??هي، ان کانسواءِ ڪورونا وبا جي خلاف پاڪستان جي موثر قدمن کي به عالمي سطح تي ساراهيو ويو، ڪورونا وبا جي خلاف ان عظيم ڪاميابي تي آئون ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس، عالم سڳورن، ميڊيا، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
هن چي?? ته اسان جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، انهن ڪاميابين جي باوجود پاڪستان کي هاڻي به سماجي ۽ معاشي محاذن تي مختلف چئلينجز درپيش آهن. انهن چئلينجز ۾ وڌندڙ آبادي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ??وٽ، ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي، غذائي کوٽ ۽ ٻيون بيماريون شآمل آهن، صدر چي?? ته اها هڪ حوصلي واري ڳالهه آهي ته حڪومت قرضن ۽ هنر جي فراهمي جي ذريعي عورتن ۽ معذور ماڻهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، وڌيڪ حڪومت معاشري جي ??مزور طبقن کي تعليم، صحت ۽ مالي امداد جي فراهمي لاءِ ”احساس پروگرام“ تحت سماجي ??لائي جا مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن. تنهن هوندي به اسان کي خصوصي ماڻهن جي سهولت، ڀلائي ۽ ترقي ۽ وراثت ۾ عورتن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائن لاءِ وڌيڪ ڪوششون ??رڻ جي ضرورت آهي،
صدر چي?? ته هن آزادي جي ??هاڙي جي موقعي تي اسان ڪشمير تڪرار تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون آهن، آئون پنهنجي ??شميري ڀائرن کي خاطري ڪرايان ٿ?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق کي حاصل ??رڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل رهندو. آئون بين الاقوامي برادري کي اپيل ڪريان ٿ?? ته اهو ڀارت کي مجبور ڪري ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ڪشميرين کي انهن جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري، صدر عارف علوي چي?? ته اچ?? ته اسان وچن ڪريون ته قائداعظم محمد علي جناح جي نظرين تي عمل ڪنداسين ۽ پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين.