اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي حوالي سان ??ور??ي يونين جي قر??رد??دن ۾ پاڪستان بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي حوالا پاڪستان ۽ ??ور??ي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ اهو امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي. اه?? ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ??ور??ي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات د??ران چئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. انساني ۽ معاشي بحران جي نظر ايندڙ خطري جي ڏس ۾ عالمي برادري کي افغانستان جي معاونت کي جاري رکڻو پوندو. پرڏيهي وزير ??ور??ي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻين ??ور??ي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان ??ور??ي يونين جي قر??رد??د ۾ پاڪستان بابت منفي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي هوالا پاڪستان ۽ ??ور??ي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين عملدارن جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڀرپور معاونت ڪئي. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ??ور??ي يونين جي وچ ۾ تعاون جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ??ور??ي يونين جي وچ ۾ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ ??ور??ي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه افغانستان تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.