ڊيره اسماعيل ??ان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ ماڪڙ جي خاتمي ل??ءِ موٽرسائيڪلن جون چاٻيون ورهايون، ان سلسلي ۾ هتي آبادگار ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال ??يم?? به موجود هئا. وزيراعظم آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا، پهرئين مرحلي ۾ صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن کي آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ سڄي ملڪ جي سمورين اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪري سگهبا. پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ کين سبسڊي (مشينري، ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج/ گهٽ مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسو??ءِ کين قدرتي آ??تن جي صورت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي، ان کانسو??ءِ صوبي ?? زراعت جي فروغ ل??ءِ مالي سال 22 -2021ع جي دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي.