اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت ??هي?? ملڪي ترقي لاءِ قوم کي پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻو پوندو، حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي ??هي?? عالمي سياست ۾ اخلاقي قدرن جي کوٽ ??هي?? دنيا ۾ امن ۽ ترقي لاءِ عالمي سياست ۾ اخلاقي قدر اختيار ڪرڻا پوندا، قومون صرف قدرتي وسيلن سان نه پر فڪر ۽ سوچ سان ترقي ڪنديون آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي ??هي?? بلوچستان جي نوجوانن ۽ عورتن کي حڪومتي قرض اسڪيمن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت ??هي?? صدر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ ڪورو??ا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته قوم خاص طور تي نوجوان نسل کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجون توانايون خرچ ڪرڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته تعليمي ميدان ۾ ڪاميابي سان اسان قومن جي صف ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سگهون ٿا، ملڪي ترقي ۽ وسيلن جي حل لاءِ گروهي ۽ ذاتي مفادن کي مٿانهون رکڻو پوندو. صدر چيو ته دنيا کي فيڪ نيوز جهڙا وڏا چئلينج درپيش آهن، نوجوانن کي فيڪ نيوز کي منهن ڏيڻ لاءِ آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت ??هي?? ان کان اڳ ورڪشاپ جي منتظمين صدر کي ورڪشاپ جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي عوام ۾ بيمارين جي باري ۾ آگاهي، انهن جي ازالي ۽ ٻين منصوبن بابت قدمن کي ساراهيو. صدر کي ٻڌايو ويو ته 4 هفتن تي مشتمل ڪورس جي شرڪت ڪندڙن پاڪ – افغان سرحد ۽ پاڪستان جي ايران سان جڙيل سرحد جو دورو ڪي?? آهي جڏهن ته هنن ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف مقامن جو به دورو ڪيو، ڪورس جي شرڪت ڪندڙن آخري هفتي ۾ قومي سطح جي قيادت سان ملاقاتون ڪري رهي آهي ۽ ايوان صدر انهن جو اچڻ ان جو حص?? آهي، شرڪت ڪندڙن ان دوران ملڪ جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. صدر ايوان صدر آمد تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته اهڙن ورڪشاپس جو تعداد وڌائڻ گهرجي. صدر قرضن جي فراهمي ?? ڪامياب جوان پروگرام جو ذڪر ڪندي چيو ته مقامي قيادت ۽ ميڊيا کي ان باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام ۾ وڏي پئماني تي رقم مختص ڪئي آهي جنهن سان نوجوانن خاص طور تي عورتن کي فائدو کڻڻ گهرجي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان 40 سالن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهي?? آهي، حڪومت ڪورونا جي وبا دوران ڀرپور طريقي سان پنهنجون ذميداريون پوريون ڪيون، پاڪستاني عوام به خدمت خلق جي جذتي تحت ڀرپور ڪم ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳ?? آهي، هن چيو ته حڪومت عورتن ۽ نوجوانن لاءِ صرف اسڪيم جاري ڪئي آهي ۽ بئنڪ الاسلامي 10 لک روپين تائين جا ب??ا وياج قرض فراهم ڪري رهي?? آهي جڏهن ته فرسٽ وومين بئنڪ به قرض فراهم ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيٽ جي ذريعي درخواستون وصول ڪري رهي?? آهي، حڪومت سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ راندين جي مختلف فيڊريشنز کي به بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي ??هي?? هن چيو ته گرين انرجي جي فروغ لاءِ ايوان صدر کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري ڇڏي?? آهي. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ خدمت خلق جي لاءِ نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي انجمن هلال احمر پاڪستان، بوائز اسڪائوٽس ۽ گرل گائيڊز کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ضرورت آهي.