اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته مالياتي ضمني بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ آندو ويو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي جنهن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ به فنانس بل ايندا رهيا، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ۽ بلاول زرداري گم رهيا، اهي دعويٰ ڪري رهيا هئا ته اسان بل منظور ئي نه ٿيڻ ڏينداسين، مخالف ڌر ڪا دليل جي ڳالهه نه ڪئي پر ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻايو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته پاڪستان پيپلزپارٽي 9 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي ۽ مسلم ليگ (ن) به آءِ ايم ايف جي چئن پروگرامن لاءِ وئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ته 9 ارب ڊالر جو سڀ کان وڏو پروگرام آءِ ايم ايف کان ورتو، هن چي?? ته مخالف ڌر بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي ته هو معيشت جو ڪهڙو حال ڪري وئي هئي، اسحاق ڊار ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، اهي پنهنجي ??ور ۾ 20 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ 15 ڏينهن جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ڇڏي ويا جنهن مان قرض جي قسط ??دا نه پئي ٿي سگهي. هن چي?? ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته مخالف ڌر اسان کي مشورا ڏيندي هئي ته حڪومت ايتري دير سان آءِ ايم ايف وٽ ڇو وئي، کين تمام گهڻو پهرين آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ گهربو هو، فرخ حبيب چي?? ته مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هو پنهنجي ??ورن ۾ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهائي ويا هئا ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڪري ويا هجن ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. مملڪتي وزير چي?? ته اسحاق ڊار معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ۽ قرض جي ??دائيگي لاءِ حڪومت وٽ پئسا نه هئا. هن چي?? ته اڄ مخالف ڌر کي گهربو هو ته دليل سان ڳالهه ڪري ها پر هنن ايوان ۾ بدتميزي جو طوفان آندو ۽ دليل سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي، بلاول زرداري ۽ شهباز شريف ايوان مان گم رهيا، انهن جي ڪوشش هئي ته اسان قانونسازي کي روڪينداسين ۽ بل جو حصو نه بڻجڻ ڏينداسين، هن چي?? ته معاشي حالتن جي ??اوجود وزيراعظم عمران خان ۽ ناڻي واري وزارت ڪوشش ڪئي ته عوام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ حقيقتون به توهان جي ??امهون پيش ڪيون آهن. هن چي?? ته مخالف ڌر بند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا ڪندي آهي ۽ جڏهن ڳالهين جو وقت ايندو آهي ته اهي سڀ غائب ٿي ويندا آهن، مخالف ڌر ايوان کي اڄ مڇي مارڪيٽ بڻائي رکيو، اسان سمجهون ٿا ته ايوان ۾ اڄ قيادت کانسواءِ مخالف ڌر هئي.