اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي وسيع امڪان رکندڙ مسلسل پکڙجندڙ عالمي آءِ ٽي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪن. هو جوائنٽ ڪلچرل سوسائٽي فار ڪميون??ٽي?? ڪوليبريشن جي ??هتمام هيٺ ”ڊيجيٽل دنيا ۾ موجود ڪاروباري رخ“ جي ??نوان سان منعقد عالمي ويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ويبينار جو اهتمام ڊيجيٽل دنيا جي ويزن، رجحانن ۽ مصنوعي ذهانت ۾ تازي ترين تبديلين تي غور ۽ نوجوانن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪيو ويو هو جنهن ۾ سڄي دنيا مان ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ڪمپيوٽنگ، ڊيٽا جي پروسيسنگ، مصنوعي ذهانت جي ??جزيي، توانائي ۽ ٿري ڊي مينوفيڪچرنگ جنهن ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا، سوشل نيٽ ورڪ??گ سميت ٻيا معاملا شامل آهن، انهن شعبن ۾ وڏو انقلاب اچي رهيو ??هي. هن چيو ته موجوده حڪومت تربيت يافته نوجوانن جي ??واهش موجب ٽيڪنالاجي ??ي دنيا جي لاءِ انساني وسيلا تيار ڪيا آهن، ڊيجيٽل مهارت جي پروگرام ذريعي 24 لک مان درخواست ڏيندڙ 16 لک ماڻهو ايندڙ مرحلي ۾ هليا ويا، ان کانسواءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پڻ مفت ڪورسز فراهم ڪري رهيو ??هي. هن عوام تي زور ڏنو ته اها سافٽ ويئر ۽ سمارٽ ايپس کي تيار ڪرڻ سکي ڇو ته سمارٽ ايپس ڊيولپرز ان ۾ سيڙپڪاري جي ڳولا ۾ آهن، چين مختلف ايپلي ڪيشنز کي ڊيولپ ڪندي ڪندي پنهنجو سافٽ ويئر تيار ڪري ورتو.