اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين اعجاز احمد قريشي ک?? وفاقي محتسب جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي سان فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار اد?? ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ سستو ۽ فوري انصاف جي فراهمي اهم ڪردار اد?? ڪري سگهن ٿا، عام ماڻهو جي مسئلن جو فوري حل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، عوام مسئلن جي حل لا??ِ محتسب جهڙي بهترين اد??ري سان رجوع ڪن. هن چيو ته فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جو ڪردار مثالي رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ لا??ِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي سينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آهي، فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي لا??ِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عوامي شڪايتن جي موثر حل لا??ِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري انصاف جي فراهمي لا??ِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز به موجود هو.