پنڊ دادن خان – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر کان لانگ مارچ ته پري واڪ به نه ٿيندو، نواز شريف، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، عمران خان کي جيڪا مخالف ڌر چئلينج ڪري رهي آهي اها پنهنجي ??يرن تي هلي نه ٿي سگهي، لانگ مارچ ڇا ڪندي، جيڪي ماڻهو عدم اعتماد جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، انهن تي انهن جي گهر وارا اعتماد نه ٿا ڪن ته قوم ڪيئن اعتماد ڪندي، انهن کي پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪرڻو پوندو، نواز شريف ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ويو، اڄ سندس ڌيءَ عدالتن ٻاهران بيٺل آهي، پيءُ ۽ ڀاءُ وطن واپس نه اچي رهيا آهن، اهي ماڻهو پاڪستان جي عوام جا ڏوهاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته و??ير??عظم جي جلسن سان مخالف ڌر جون ننڊون حرام ٿي وينديون، اڄ مخالف ڌر کي خبر پوندي ته عوامي سمنڊ ڇا هوندو آهي، اڄ م??ڊي بهاءُ الدين ۾ و??ير??عظم جي استقبال لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي پر هن اهو بهانو ڪيو ته اسان کي جيڪو چالان مليو آهي ان جي ??س پڙهي نه پئي وڃي، انهن کي پڙهائڻ جي ??اءِ استاد جي ضرورت آهي، اهڙي طرح جا بهانا ڪري اهي بچي نه سگهندا. هن چيو ته منصور چپڙاسي، مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽن ۾ اربين رپيا آيا ۽ هنن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيا، انهن کي ٻڌائڻو پوندو ته اها رقم انهن کي ڪيئن منتقل ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته هنن پاڪستان جي عوام سان ظلم ڪري رکيو آهي، جيڪڏهن ان ظلم طرف ڪنهن ڌيان ڇڪرايو آهي ته اهو و??ير??عظم عمران خان آهي. هن چيو ته فضل الرحمان ۽ زرداري جون جدا جدا پارٽيون آهن، هڪ لبرل ۽ ٻي مذهبي پارٽي آهي، اهي سياست ۾ ان جي ??اءِ گڏ ٿيا آهن جو انهن وٽ ماڻهو نه آهن. هن چيو ته مدرسي جي ??ارن جي زور تي حڪومتون ناهن تبديل ڪري سگهبيون، ان جي ??اءِ محنت جي ضرورت هوندي آهي، بلاول ۽ مريم کي مشورو آهي ته سياست ۾ اچڻ جي ??اءِ اهي اڳ ۾ ميئر جي چونڊ وڙهن، انهن کي خبر پئجي ??يندي ته اهي ڪيتري پاڻي ۾ آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ٽيون ڀيرو و??ير??عظم بڻجڻ جي ??اءِ پن??اب سان تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون آهن، اڄ اسان جي علائقن ۾ گئس ان جي ??اءِ نه آهي ته نواز شريف پن??اب جي حقن جو سودو ڪري ڇڏيو هو، 18 هين ترميم تي صحيحون ڪيون ويون، ان جي ??تيجي ۾ پن??اب کي گئس کان محروم ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته و??ير??عظم ۽ توانائي واري وزير کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن جي ڪوششن سان قانون پاس ٿي چڪو آهي، هاڻي انشاءَ الله پن??اب کي به باقي صوبن وانگر گئس ملي سگهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ (ن) ليگ پن??اب ۾ انڊسٽري ۽ زراعت جو ٻيڙو غرق ڪيو، جيڪا موٽروي ٺاهي ان جي ??تيجي ۾ پن??اب جا سمورا وڏا شهر نقصان ۾ هليا ويا، گوجرانوالا، جهلم، گوجر خان، سوهاوه، م??ڊي بهاءُ الدين، گجرات کي انهن ائين منصوبن مان ٻاهر ڪڍيو جيئن مکڻ مان وار ڪڍيو وڃي ٿو. هن چيو ته اڄ الحمدالله عمران خان موٽروي ڏني آهي جيڪا انشاءَ الله سيالڪوٽ موٽروي سان راولپ??ڊي کي ڳنڍيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم ۾ 1906ع ۾ جڏهن هيڊ رسول ٺهيو هو ته ان وقت واعدو ڪيو ويو هو ته جهلم ۽ خوشاب جي ??اڻهن جي ??اءِ واهه ٺاهيو ويندو، اهو واغد اڄ و??ير??عظم عمران خان پورو ڪيو آهي. هن چيو ته 50 سالن کانپوءِ هن علائقي ۾ ڊوئل ڪيرج وي ٺهي رهيو آهي جيڪو موٽروي کي جي ??ي روڊ سان ڳنڍيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان اليڪشن وڙهي رهيا هئاسين ته هن علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي نه هو، و??ير??عظم عمران خان پيئڻ جي ??اڻي جي ??نصوبن تي ڪم شروع ڪرايو، و??ير??عظم عمران خان جا ٿورائتا آهيون جو هن اسان جا مطالبا تسليم ڪيا. انهن منصوبن سان اسان جي علائقن جي ??سمت بدلجي ??يندي، اسلام آباد ۽ لاهور کي به ان جو فائدو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته م??ڊي بهاءُ الدين جي جلسي ۾ ماڻهو اڄ ثابت ڪندا ته عمران خان پاڪستان جو واحد ليڊر آهي جنهن جو آواز پوري دنيا ۾ ٻڌو وڃي ٿو، 23 سالن کانپوءِ ڪو و??ير??عظم روس وڃي رهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته و??ير??عظم عمران خان پاڪستان جي عوام ۽ پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي، ملڪ ۾ اهڙو و??ير??عظم موجود آهي جيڪو ملڪ جي عوام جو سوچي ٿو. هن چيو ته اڄ ڊگهي عرصي کانپوءِ اسان جو آبادگار خوشحال آهي، عوام کي صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، 10 لک رپين تائين علاج جو خرچ حڪومت برداشت ڪندي. هن چيو ته اسان غريب عوام جي ??اءِ راشن ڪارڊ جي سهولت آندي. هن چيو ته تيل جون قيمتون عالمي م??ڊي ۾ وڌن ٿيون ته مخالف ڌر ٻڌائي ڇڏي ته جيڪڏهن دنيا ۾ قيمتون وڌن ٿيون ته اسان کي پاڪستان ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري جيڪڏهن 23 هزار ارب قرض نه ورتو هجي ??ا ته اڄ اسان وٽ ايترا وسيلا هجن ها جو اسان سبسڊي ڏئي سگهياسين پئي. هن چيو ته هن سال به پاڪستان 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته انهن ماڻهن پاڪستان کي ٻنهي هٿن سان ڦريو، پاڪستان جي عوام انهن جي ڦرلٽ کي ڄاڻي ٿي. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ اسان بدلو ورتو، اهو بدلو ختم ناهي ٿيو، 2023ع جي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان و??ير??عظم چونڊجندو.