اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني نئي بات جي گروپ ايڊيٽر عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عطاءُ الرحمان ٻن ڏهاڪن کان قومي اخبارن ۾ ”تجزيه“ جي عنوان سان پنهنجي ڪالم ??ريعي پڙهندڙن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم نئي بات جي ايڊيٽر طور پڻ پنهنجون ??حا??تي ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.