اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي جو روانگي واپار 50 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي ويزن کي ورجائيندي ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ سڌارن جي تاريخي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هنرمند نوجوان ۽ ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي جو شعبو پا??ست??ن جو وڏو اثاثو آهن، اهي پا??ست??ن جو وڏو اثاثو آهن جن جي مدد سان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي پرڏيهي دوري جي حوالي سان جائزه ۽ حڪومت پاران آءِ ٽي جي شعبي ۾ متعارف ڪرايل قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير اسيد امين الحق، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي سي پيڪ معاملن واري خاص معاون خالد منصور، ايس ٽي زيڊ اي جي چيئرمين عامر هاشمي، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هنرمند نوجوان ۽ ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي جو شعبو پا??ست??ن جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن جنهن سان ڪرنٽ اڪائونٽ جي وڏي خساري کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان معاشي بهتري جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ رعايتي سيڙپڪاري جي لاءِ پا??ست??ن سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بيورو سان رجسٽرڊ آءِ ٽي ڪمپنين ۽ فري لانسرز جي لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ ۽ 100 سيڪڙو ??ار??ڪس ريٽينشن جو اعلان ڪري رهيا آهيون. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 50 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي پنهنجي ويزن تي زور ڏيندي وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري کي ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ۽ عالمي سطح تي دستياب بهترين مراعتون فراهم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ تاريخي سڌاراجاتي پئڪيج جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پا??ست??ن ٽيڪنالاجي ا??ٽا??ٽ اپ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن اٽڪل ساليانو 50 ا??ٽا??ٽ اپس کي هڪ ارب رپين جي بنيادي مالي رقم فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جلد قائم ڪيا وڃن ته جيئن پهرين مرحلي ۾ شهرن ۾ آءِ ٽي/ ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ سيڙپڪاري جا مرڪز بڻائي سگهجن. اسلام آباد ۾ سي ڊي اي جي سيڪٽر کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز بڻايو ويندو ته جيئن آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ فري لانسرز اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي پاران پيش ڪئي ويندڙ فائدن مان فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ??ار?? ايڪسچينج ۽ انڪم ٽيڪس پاليسين ۾ ضروري تبديليون ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ ۾ آءِ ٽي ا??ٽا??ٽ اپس کي وڌڻ ويجهڻ ۾ مدد ملي. انهن سڌارن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پا??ست??ن پاران روشن ڊيجيٽل آءِ ٽي اڪائونٽس جي شروعات شامل آهي جنهن جو مقصد فري لانسرز ۽ آءِ ٽي ڪمپنين کي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ پنهنجي غيرملڪي آمدني 100 سيڪڙو برقرار رکڻ جي اجازت ڏيڻ آهي ۽ پرڏيهي ناڻي جي منتقلي تي ڪا پابندي نه هوندي، ان کانسواءِ ايف بي آر پاران آءِ ٽي جي شعبي تي ٻٽن ٽيڪسن جو خاتمو ۽ ا??ٽا??ٽ اپس ۾ وينچر فنڊنگ جي ڪيپيٽل گينز ٽيڪس کان ڇوٽ شامل آهي. وزيراعظم نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ اضافي جي لاءِ آءِ ٽي ا??ٽا??ٽ اپس ۾ مقامي ۽ عالمي جوائنٽ وينچر سيڙپڪاري وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 2021 – 2020ع ۾ آءِ سي ٽي جي برآمدي ناڻي واڌ 2 ارب 10 ڪروڙ ڊالر رهي جيڪا 2018ع ۾ هڪ ارب ڊالر هئي ۽ پا??ست??ن دنيا ۾ 120 کان وڌيڪ ملڪن کي مصنوعات برآمد ڪري رهيو آهي.