اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان انشاءُ ??لل?? بي اعتمادي رٿ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي بلاول کي گذارش آهي ته قومي ۽ آئيني ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ مناسب نه آهي، اسان انشاءُ ??لل?? بي اعتمادي رٿ جو ??قابلو ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. هن چيو ته بلاول آرٽيڪل 6 جو ذڪر ڪ??دو آهي، آئين سڀني لاءِ مقدس آهي. پرڏيهي وزير بلاول کان پڇيو ته جڏهن توهان ۽ توهان جو ??الد نوٽن جا ٿيلها کڻي ميمبرن جي درن تي وڃي چئي رهيا آهيو ته پنهنجيون وفادارايون تبديل ڪريو ته ڇا اهو حلف کان منهن موڙڻ ناهي؟ آئين جي روح کي توهان ۽ توهان جو ??الد متاثر ڪري رهيا آهيو، انهن غير آئيني حربن کان پاسو ڪريو. شاهه محمود قريشي چيو ته اهو نه وساريو ته اهڙا ماڻهو به آهن جنهن اسان کي اچي ٻڌايو آهي ته توهان انهن سان ڪ??ڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان مون ۽ منهنجي پارٽي کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي، اهي ڏاها ماڻهو آهن ۽ هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اهي مخالف ڌر جي سمورين چالن کي سمجهن ٿا. اهي سب تجربيڪار سياستدان آهن ۽ ڪنهن لالچ ۾ نه ايندا. هن چيو ته پاڪستان جي باشعور عوام سمجهي ٿي ته انهن جي ”ان هولي الائنس“ جو انتظام تمام جلد وکري وي??دو ڇو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جو ڪو هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي. پرڏيهي وزير سوال ڪيو ته ڇا بلاول پيپلزپارٽي جي آئيڊيالوجي کي مولانا جي آئيڊيالوجي ۾ ضم ڪري ڇ??يو آهي؟ ڇو ته ن ليگ جي پنهنجي سوچ آهي جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته مريم نواز مستقبل جي ليڊر توهان کي سمجهي ٿي ته اها توهان جي غط فهمي آهي، توهان جو ??ه نظريو، نه قيادت ۽ نه ئي منشور هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ??ر شعور رکندڙ شهري سمجهي چڪو آهي ته ان ”ان هولي الائنس“ جو ??قصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. ماڻهو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچي چڪا آهن ته توهان عمران خان کان ڊنل ڇو آهيو؟ پرڏيهي وزير چيو ته ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت سان پاڪستان جي معيشت کي فائدو پهچي رهيو آهي؟ ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت سان توهان افغانستان جي ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيو، توهان دنيا کي ڪنفوزڊ سنگل ڇو ڏيڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته کين جلد سخت مايوسي ٿيندي. اسان کي او آءِ سي جي اجلاس جي اهميت جو ??تو آهي، انشاءُ ??لل?? 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. هن چيو ته اڄ وڏيون وڏيون آڇون ڪ??ون پيون وڃن، ڇا جن کي آڇون ڪ??ون پيون وڃن اهي توهان جي ماضي کان غافل آهن؟ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته انشاءُ ??لل?? اهي ناڪام ٿيندا. اهي ٽيهه، 30 هزار روپيا ڏئي ماڻهن کي سنڌ مان آندو، ڇا کڻي آيا ۽ ڇا ڏئي ويا؟