اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مسعود خان ??لاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ ??ن موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان ??ضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا حصيداري ۽ گڏيل هدفن جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم نامزد سفير مسعود خان کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ??اه??ئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان رابطو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي تمام گهڻي متحرڪ آهي ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي لاءِ ڪم ڪري. هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي صحيح طور تي اجاگر ڪرڻ تي پڻ ??ور ڏنو. وزيراعظم نامزد سفير کي نئين ذميوارين جي سلسلي ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير مسعود خان ??ڪ تجربيڪار سفارتڪار آهي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير طور پڻ ??ميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو نيويارڪ ۽ جنيوا سميت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ پڻ ??دمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.