اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پ??رٽي جي چيئرمين سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار اختر مينگل وزيراعظم جي بلوچستا?? جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ??يو ته بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر بلوچ افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي بلوچستا?? جي ترقي لاءِ قدم کڻي بلوچ نوجوان?? جي قومي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائيندي.