ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستا?? جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صوبي جي معدني وسيلن تي سڀ کان پهريون حق بلوچستا?? جي عوام جو آهي، آف گرڊ منصوبن سان بلوچستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو ويندو، جيستائين بلوچستان ترقي ۾ باقي صوبن تائين نه ٿو پهچي وڃي تيستائين آئون سک سان نه ويهندس، جاري ترقياتي منصوب?? جي مانيٽرنگ يقيني بڻائي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستا?? جي انتظامي صورتحال تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بلوچستا?? جي سيڪريٽري پاران صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، امن اما?? جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ هن وقت آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ آهي، ان حوالي سان حڪومت مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ جاري منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني پئي وڃي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پاران تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ پوري صوبي جي لاءِ هڪ ٺوس پئڪيج جي اعلا?? جي تجويز ڏنيو ئي، ڪوسٽل هاءِ ??ي جي ڀرپاسي سياحت جو فروغ، مقامي افرادي قوت جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ادارن جو قيام پڻ تجويزن شامل آهي. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بلوچستان دوري تي ڀليڪار چيو ۽ حڪومت جي بلوچستا?? جي ترقي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم صوبائي ڪابينا جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته بلوچستا?? جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستا?? جي باصلاحيت افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوب?? جي مانيٽرنگ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته آف دي گرڊ منصوبن سان بلوچستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته جيستائين بلوچستان ترقي ۾ باقي صوبن تائين نه ٿو پهچي وڃي تيستائين آئون سک سان نه ويهندس، ان ۾ مون کي بلوچستان ڪابينا جو تعاون گهربل آهي، منصوبن تي عملدرآمد توها?? جي تعاون سان يقيني ٿي سگهندو، بلوچستا?? جي معدني وسيلن تي سڀ کان پهريون حق بلوچستا?? جي عوام جو آهي، بلوچستا?? جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ وظيفن جو سلسلو جيڪو رڪجي ويو هو آئون ان ک ٻيهر شروع ڪندس. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي حڪومت جو اتر ۽ ڏکڻ سان ڪو غرض نه آهي، اسان کي بلوچستا?? جي پٺتي پيل علائق?? جي ۽ پوري صوبي جي مجموعي ترقي جي لاءِم ڪم ڪرڻو آهي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، اسرار ترين، بلوچستا?? جي وقتي گورنر جان محمد جمالي، بلوچستا?? جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.