اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف يوم القدس تي بهادر فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڌار خودمختيار رياست جي عالمي عهد جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسرائيل جي ناجائز قبضي جي خلاف منظور ڪ??ل قراردادن تي عمل ۽ ان ??ي پراڻي تڪرارن جو منصفاڻو حل ئي دنيا ۽ خطن ۾ پائيدار امن آڻي سگهي ٿو، عالمي برادري خاص طور تي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپ??ل قراردادن ۽ ٻن ري??ست?? حل بابت معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائن لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري. يوم القدس تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته ڀائر ملڪ ايران پاران 1979ع ۾ شروع ٿيندڙ ان ??المي ڏينهن جو مقصد مسلمان ??مت پاران پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ ٻارن جي حقن سان يڪجهتي جو اظهار هو. يروشلم ڌار فلسطيني رياست جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو ويو آهي، جتي واقع قبله اول سمورن مسلمانن جي روح جي تسڪين جو باعث آهي، هن چيو ته هر سال رمضان ??لمبارڪ جي آخري جمعي تي ان ڏينهن فلسطينين تي قابض صيهوني فوج جي قبضي، وحشياڻي حملن، قتل ۽ غارت گري ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪئي ويندي آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلمان ??مت ۽ سڄي دنيا جي انصاف پسند انسانن جي آواز ۾ آواز ملائي فلسطينين تي صيهوني ري??ست?? ظلمن جي مذمت ڪري ٿو، هر رمضان ??لمبارڪ ۾ عام طور ۽ يوم القدس تي خاص طور تي صيهوني ري??ست?? ظلم ۽ جبر جي شديد مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي برادري خاص طور تي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپ??ل قراردادن ۽ ٻن ري??ست?? حل بابت معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري، غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسرائيل جي ناجائز قبضي جي خلاف منظور ڪ??ل قراردادن تي عمل ۽ ان پراڻي تڪرارن جو منصفاڻو حل ئي دنيا ۽ خطن ۾ پائيدار امن آڻي سگهي ٿو، اسان ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ ڪشميرن ۽ فلسطينن کي آزادي جي نعمت سان ??رفراز فرمائي.