لاهور – 09 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ معاشي مشڪلاتن جي موثر تدارڪ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ کاڌي پ??تي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ه??اي?? ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن اها ه??اي?? ناڻي واري وزي?? مفتاح اسماعيل خان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي حبيب بئنڪ جو صدر محمد اورنگزيب، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف درپيش معاشي مشڪلاتن کي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موثر طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي کاڌي پ??تي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم بئنڪاري نظام کي عام ماڻهو جي معاشي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ آسان بڻائڻ تي زور ڏنو.