اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس پارٽي مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري، نالائق، نااهل، فاشٽ، ڪرپٽ ۽ چورن کي عوام جلسي لاءِ جڳهه نٿي ڏيڻ چاهي ته ان ۾ حڪومت ڪٿان اچي وئي؟ جيڪڏهن عوام کين جلسي لاءِ نجي ملڪيتي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ته ان ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله جو ڪهڙو قصور آهي، عمرا?? نيازي چاهي ٿو ته رانا ثناءُ الله زور زبردستي نجي ملڪيت تي جلسي جو بندوبست ڪرائي، عوام عمران خان جي غلام نه آهي، حڪومت قانون تحت اها جاءِ عمرا?? نيازي کي جلسي لاءِ نٿي ڏئي سگهي جيڪا نجي ملڪيت آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسيحي برادري پنهنجي جڳهه جلسي جي لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ڇو ته اها جاءِ عبادت لاءِ مخصوص آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان مسيحي برادري جو احترام ڪري، غنڊا گردي نه ڪري، هن چيو ته مسيحي برادري سراپا ا??تج??ج آهي، حڪومت انهن جي ا??تج??ج کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عمرا?? نيازي مذهبي منافرت پکيڙي انهي جاءِ تي ڇو جلسو ڪرڻ تي بضد آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گورنمينٽ مري ڪاليج گرائونڊ ۽ اسپورٽس جمنازيم پسرور تي جلسو ڪرڻ جي تجويز ڇو قبول ناهي؟ ان جو صاف مطلب آهي ته عمرا?? نيازي صرف ڊراما ڪرڻ چاهي ٿو، ان جو مقصد صرف تماشو لڳائڻ آهي، هن چيو ته مسلم ۽ غير مسلم م??هبي اڳواڻ عمرا?? نيازي کي سمجهائين ته مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪري.