اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ صنوبر جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي هن??ام?? امداد جي وفاقي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سان ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومت سان گڏجي 7 ڪلوميٽر جي دائري ۾ لڳل باهه کي ??سا??ڻ جي لاءِ هن??ام?? قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي ج?? جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ز??مين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وڏا برن سينٽرز منتقل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن چار زخمين جي ج??د صحتيابي ج?? پڻ دعا ڪئي.