اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ محمد يوسف نقاش 5 آگسٽ 2019ع کي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي سڃاڻپ تي حملي جو ڏينهن قرار ڏيندي گڏيل قومن تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارت کي ان غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدم تي جوابده بڻائي. سرينگر مان جاري بيان موجب ڀارت جي ڪشمير بابت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. هن چي?? ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب عالمي برادري ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪري ٿي. حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ چي?? ته ڀارت خطي ۾ هڪ بي رحم غنڊو بڻجي چڪو آهي، هو نه رڳو ڀارت کي اقليتن پر پاڙيسري ملڪن جي سلامتي جي لاءِ به سيڪيورٽي خطرو آهي. هن چي?? ته ڀارت جا وسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جو احترام نه ڪرڻ تي ڀارت جي مذمت ناڪافي آهي. محمد يوسف نقاش چي?? ته جيڪڏهن ڪجهه باضمير ملڪن ۽ انساني حقن جي تنظيمن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارتي حڪمرانن پاران کنيل قدمن جي خلاف آواز اٿاريو پر ڪجهه بااثر ملڪن جي خاموشي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڀارت جي حوصل?? افزائي ڪئي آهي. محمد يوسف نقاش چي?? ته ڪشميرين جي غيراعلانيل گرفتارين ۽ قتلام ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڀارت پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آهي. هن چي?? ته گڏيل قومون ۽ ٻيا بااثر ملڪ خاموشي ٽوڙين ۽ ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿارين ۽ انهن کي گڏيل قومن جي ذريعي خود??خت??اري جو حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪن.