اسلام آباد -10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته چيني شهرين جي حفاظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. جڏهن ته لاڳاپيل ادارا گڏ??ل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻا??ين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري دفاع، انچارج نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽريز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي حفاظت لاءِ ڪا به ڪوتائي برداشت نه ڪئي ويندي. چيني شهرين بابت سيڪيورٽي آڊٽ کي مقرر ٽائين لائين اندر يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا گڏ??ل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو کي يقيني بڻا??ين. اجلاس دوران گهرو وزير کي چيني شهرين جي حفاظت جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو.