اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايسوسي??يٽ??ڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سميت ٻي رياس??ي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ ??هي، رياس??ي ميڊيا پاڪستان جي روشن تشخص کي روش??اس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط رياستي ادارو بڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. هو ڪالهه اربع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهي هئ??، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان پاڪستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پاڪستان سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ مستند ادارو بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته اسان کي ان اداري جي بهتري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.