اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خا?? مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي جلد تڪميل لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ سان خطي جي قسمت بدلجڻ ۽ خط?? ۾ ??وشحالي جو نئون باب کلندو. وزيراعظم تازو ئي گوادر جي دور?? ۾ ??ربين روپين جي منصوبن جو اعلان ڪيو، سي پيڪ ج?? خلاف مخالفن جي پروپيگنڊا کي ناڪام بڻائڻ ??ي پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”بيلٽ ۽ روڊ جي حصيدارن ۾ ڪراس ريجنل ميڊيا فيوزن“ جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي.