فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سيڙپڪاري کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ترقي لاءِ صنعتون قائم ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ، زرعي پيداوار ۾ اضافي، سياحت جي فروغ ۽ فني تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، کين مناسب ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، غربت ۾ گهٽتائي لاءِ چين جا قدم اسان لاءِ مثال آهن، نيب قانونن ۾ تبديلي کا??پو??ِ بيورو ڪريسي وٽ هاڻي ڪو به بهانو نه هوندو، ڪم ت??ز ڪرڻو پوندو، پنجاب ۾ ڪو به قاتل، ڌاڙيل ۽ مافيا نظر نه اچن گهرجي، خصوصي اقتصادي زونز تي ڪم ت??زي سان مڪمل ڪيو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن عل??مه اقبال انڊسٽريل اسٽيٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو.