اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان عام ماڻهو کي رليف ف??اه?? ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ آسانيون ف??اه?? ڪرڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻائي خودڪار نظام متعارف ڪرايو وڃي، صوبائي حڪومتون 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته جيئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام ماڻهو کي رليف ف??اه?? ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيون ف??اه?? ڪرڻ لاءِ وزيراعظم وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح تي مختلف ڪاروباري سرگرمين لاءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسن??ز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسن??ز جي طريقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.