ڊيووس – 22 ج??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائ?? ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪ?? ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي ممڪن هوندي، سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ لاءِ سرگر?? ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڌي سنئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، اسان ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، غير م??ڪي سيڙپڪارن کي پرڪشش مراعتون ڏنيون پيون وڃن، پاڪستان جي سرزمين ڪيترين ئي قديم تهذيبن جو ڳڙهه آهي، سياحت کي فروغ ڏئي ملڪي معيشت کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان اسٽريٽجي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو.