اسلام آباد – 26 جون (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پا??مالي جو مرتڪب ٿيڻ تي ڀارت جو گهيراء ڪري، جمعي ڏينهن تشدد جو شڪار ٿيندڙن جي حمايت ??ي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن هو عالمي برادري کي اپيل ڪري ٿو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پا??مالي ڪندڙ ڀارت جو گهيراء ڪيو وڃي، جيڪو عورتن، ٻارن ۽ جوانن ت?? پيلٽ گن جو استعمال ڪري رهيو آهي، جنسي حملن جو ڏوهه ڪري رهيو آهي ۽ بجلي جي جهٽڪن سان کين موت جي ننڊ سمهارڻ سميت ??ن تي بدترين ذهني ۽ جسماني تشدد ڪري رهيو آهي.