??اه??ر – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وزيراعظم کي ??نصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان منصوبي تي عملدرآمد دوران ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ڪنزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ ??اه??ر شهر جي رهائشي ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ماڻهن کي ??وڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ريور فرنٽ پراجيڪٽ سان ??اه??ر جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي ??نهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ دوران ماحولياتي نظام تي منفي اثر نه پون ۽ واٽر ڪنزرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.