لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاهور جي لاءِ تمام اهم منصوبو آه??، اهو منصوبو لاهور جي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي رهائش?? ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، منصوبو مقرر مدي ۽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيو وڃ??، ان منصوبي جي مڪم?? ٿيڻ ۾ مقامي افرادي قوت ۽ وسيل کي استعمال ۾ آندو وڃي، سيڙپڪارن کي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پلان جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر، ??زي??اعظم جي صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب جي وڏي ??زي?? سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي صوبائي ??زي?? ميان محمود الرشيد، صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي چيف سيڪريٽر??، ايل ڊي اي جي وائيس چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وڊيو لنڪ ذريعي خاص معاون ملڪ امين اسلم، ايف بي آر چيئرمين، هائوسنگ، منصوبابندي، توانائي، پيٽروليم، قانون وارن وفاقي سيڪريٽرين، سي ڊي اي چيئرمين پڻ شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين عوامي سهولت جي لاءِ قائم ڪيل ون ونڊو آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پورٽ جاري ڪرڻ سان ڪو به خواهشمند شهري ڪو به تعميراتي منصوبو شروع ڪرڻ جي لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندو. ان پورٽل سان انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿيندي ۽ هر موقعي تي درخواست ۾ اڳڀرائي جي خبر پئجي سگهندي. وڌيڪ اهو ته ان پورٽل سان لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي متعين ڪرڻ جو موقعو به ملندو. ??زي??اعظم سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه پاران آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ کي ساراهيو.