اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران مختلف موبائيل ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، موبائيل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ??لڪ جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??لڪ ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي وڌيڪ بهتري ج?? حوالي سان اسپيڪٽرم نيلامي ج?? حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، پي ٽي اي جي چيئرمين، فريڪوينسي ايلوڪيشن بورڊ جي چيئرمين شڊرڪت ڪئي. وزير??عظ?? کي مختلف موبائل ڪمپنين پاران نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ج?? حوالي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزير??عظ?? اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موبائل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ??لڪ جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ??لڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي سروسز جي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزير??عظ?? مختلف ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي.