اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقياتي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي ص??ار?? ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ صوبن سان تعليمي ادارن ۾ صحت جي رهنما اصولن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏ??و ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جمعي ڏينهن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو ويجهڙائي ۾ اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي اعلان کان پهرين صحت کاتي طرفان جوڙيل صحت ۽ حفاظت جي رهنما اصولن ۽ ايس ا?? پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ متاثر ماڻهن جي رابطي جي نشاندهي ۽ انهن کي قرنطيه ڪرڻ جي قدمن کي وڌيڪ بهتر ڪري، وفاقي وزير اسد عمر جي ص??ار?? ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي هٿن کي ڌوئڻ جي انتطامن، مخصوص ٽيسٽنگ ۽ مائيڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تازه ترين صورتحال ۽ تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ جي حوالي سان منصوبابندي جي حوالي سان تيارين ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.