اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته پاڪستان جي عوام ذاتي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، ادار?? تي ڳالهائي پاڪستان کي تمام وڏو نقصان پهچائڻ جي راند کيڏي پئي وڃي، دشمنن جي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پوري طرح ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ڪا به اهڙي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي جيڪا ملڪ ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي هن ملڪ جي لاءِ بيٺا آهن انهن کي نقصان پهچائي سگهي، ڪالهه انهن جو پهريون شو ئي فلاپ ثاب?? ٿيو، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي هڪ مهيني جي تيارين جو انجام فلاپ شو جي شڪل ۾ نڪتو. ڪنوينشن سينٽر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چي?? ته گوجرانوالا جيڪو نواز شريف جو سسرال ۽ مريم نواز جو ناناڻو آهي، ان مخالف ڌر جي جلسي جي حوالي سان جنهن سردمهري جو مظاهرو ڪيو آهي ان مان مخالف ڌر کي سمجهڻ گهرجي ته ذاتي ايجنڊا جي تحفظ جي لاءِ ڪير ٻاهر نه نڪرندو.