اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، ايسوسئيشن آف بلڊرز ۽ ڊوليپرز (آباد) اجلاس کي آگاه?? ڪيو ته سنڌ ۾ 74 منصوبن جي م??ظوري م??ي چڪي آهي جنهن جي ڪل لاڳت 28 ارب روپيا آهي، انهن منصوبن جي آغاز سان 55 ارب روپين جون لاڳاپيل معاشي سرگرميون شروع ٿينديون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاه?? ڪيو ويو ته سيپٽمبر 2019ع کان سيپٽمبر 2020ع جي عرصي ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ 17 سيڪڙو ?? اسٽيل جي وڪري ۾ 19 سيڪڙو اضاف?? رڪارڊ ٿيو، آباد تعميرات جي م??ظوري جي عمل کي وڌ??ڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ تجويزون به پيش ڪيون.