اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته م??لا??ا فضل الرحمان جي ڪورونا ويڪسين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي، عوام کي گمراهه ڪرڻ م??لا??ا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو، سياسي اڳواڻ اختلافن کي هڪ پاسي رکندي ماڻهن جي رهنمائي ڪن، ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پي?? تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، اهو چوڻ ته وزيراعظم کي ڪورونا ويڪسين کانپوءِ ڪورونا ٿيو صحيح نه آهي، اسان سڀ وزيراعظم ۽ خاتون اول جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهي??ن، ڪورونا ڪنهن ۾ به فرق نه ٿو ڪري نه ئي ڪا رعايت، گذريل 8 مهينن ۾ ڪورونا متاثرين جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملڪي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي، چاهيون ٿا ته ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ماڻهن جو روزگار ۽ زندگيو?? محفوظ هجن، ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ويڪسين جي دستيابي خوش آئنده آهي، ڪورونا جي خاتمي لاءِ نظم ۽ ضبط سان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ ان لاءِ ناڪام ٿي ڇو ته ان ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه نه هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪا??فرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.