اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته پا??ستان جي ڏهاڙي تي پوري پا??ستاني قوم خ??ص طور تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ??ي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ڪشمير 1947ع جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڪشمير جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، پا??ستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي وچن ڪريون ٿا ته ڪشميرين جي هر ممڪن سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي مدد جاري رکنداسين، اڄ جو ڏينهن اسان کي هن ملڪ جي ٺهڻ ۾ اسان جي بزرگن جي ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڱاري ڏينهن پا??ستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغ??م ۾ شهريار آفريدي چيو ته اهو ئي سبب آهي جو اسان والاريل ڪشمير ۾ رهندڙن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، نظريو پا??ستان ئي قيام پا??ستان جو بنياد بڻيو، جنهن تحت مسلمان قيادت هندو توا ذهنيت جي اثر هيٺ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڌار ملڪ جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي.