فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب نيشنل اسپتال جناح ڪالوني فيصل آباد ۾ 12 بيڊز تي ٻڌل نئين ڪورونا وارڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان جو ڌيان انساني ترقي تي آهي جنهن جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ??ه هاڻي 30 س??لن تائين جي نوجوانن جي ويڪسي نيشن شروع ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان ۾ اين آءِ سي ادارو چائنا سان گڏجي ويڪسين تي ڪم ڪري رهيو ??هي. هن چيو ??ه جڏهن اوچتو اها وبا سامهون آئي ته حڪ??مت کي ڪوويڊ 19 ۾ وڏا چئلينجز درپيش هئا جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جي ٽيسٽن جي لاءِ پي سي آر ليبز جي پڻ کوٽ هئي پر حڪ??مت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ هاڻي 50 هزار ٽيسٽ روزانو ڪيا پيا وڃن اهڙي طرح وسيع پئ??اني تي تياري جي ڪري فيس ماسڪ پڻ انتهائي گهٽ قيمت تي دستياب آهن جڏهن ته ڪورونا ڪٽس جي پيداوار پڻ شروع ڪرڻ سميت اسان ماسڪ ۽ ڪورونا ڪٽس ايڪسپورٽ پڻ ڪري رهيا آهيون. فرخ حبيب چيو ??ه حڪ??مت جي ڪوششن سان وينٽي ليٽرز جا ماڊل پاس ٿيا ۽ اهي پاڪستان ۾ ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن.