اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي ذميوار شخص عبدالسلام ابو دائود کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ??اڪٽر عارف علوي ٿر ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي قانوني ??ار??وائي جي هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اقليتن سان زيادتي اسلام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان جي سنگين خلاف ورزي آ??ي، هن چيو ته آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست ان??ن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آ??ي، هن چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام معاشري جي سمورن ماڻ??ن جي گڏيل ذميداري آهي.