اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ل??ءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ ج?? ضرورت آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ل??ءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف ??لوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي?? نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي اجلاس جي دوران چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ل??ءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ل??ءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نادرا چيئرمين اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن?? نادرا اليڪشن ڪميشن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نادرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اي ووٽنگ تي نادرا جي ڪوششن کي به ساراهيو ويو.