اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو جنهن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاول اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت ??حمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي ب??ڪتن وارو مهينو آهي، هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ پن??نجي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان پن??نجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته الله تعاليٰ پن??نجي حبيب حضرت ??حمد ﷺ کي رحمت اللعالمين جو خصوصي خطاب ڏنو، حضور نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ليڊر جي سڀ کان وڏي خاصيت اها هوندي آهي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته عيد ميلادانبي ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ سال ربيع الاو جي مهيني ۾ اسان کي اهڙو جشن ملهائڻ گهرجي جيڪو اسان جي قومي تاريخ جو سڀ کان شاندار جشن هجي ته جيئن واضح ٿئي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد ميلادالنبي ﷺ جو اهڙو جشن نه ملهايو. وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي پن??نجي پيغام ۾ عوام، ميڊيا، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙي طرح جو عيد ميلادالنبي ﷺ جو جشن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.