ملتان – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي، عوام جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريبن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهي آهي،
هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ افراتفري ۽ انتشار چاهين ٿيون پر انهن جا ارادا پورا نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ان مبارڪ ڏينهن ۾ الله تع??لي?? کان دعا ڪريان ٿو ته هو پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان مح??وظ رکي.
شاهه مح??ود قريشي چيو ته عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي سڄي ملڪ مان شهري نبي ڪريم حضرت مح??د ﷺ سان پنهنجي محبت ?? عقيدت جو ڀرپور اظهار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دعاڳو آهيان ته رب العالمين انهن جي عقيدت کي قبول فرمائي ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ پاڪستان کي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام نصيب فرمائي.