ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گ??جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ??عيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخ??ند سان ملاقات ۾ چئي. افغان عبوري حڪومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو ??فغانستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا حسن آخ??ند پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني وفد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو ??واهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي افغان ڀائرن جي لاءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو ??واهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي فراهمي انهي سلسلي جون ڪڙيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان گ??جي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ??عميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، افغان حڪومت جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخ??ند انساني امداد جي وقت سر فراهمي تي پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.