لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور قلعه (يونيسڪو عالمي ورثي) جي اهم حصي پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خاني جو دورو ڪيو، صدر جو استقبال پاڪستان بابت آغا خان ڪائونسل جي صدر حافظ شير علي، والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪامران ??اشاري ۽ آغا خان ڪلچرل سروس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر خواجه توصيف احمد ڪيو. شاهه برج گيٽ (هاٿي پول) سان گڏ واقع اها پڪچر وال قلعي جي اصل نجي داخلا ٺاهيندي آهي، ان ديوار کي شڪار ۽ جنگ جي منظرن، مختلف تشبيهن، جانورن، پکين، جاگرافيائي ۽ گلن جي تصويرن سان ??هايت عمدي طريقي سان سجايو ويو آهي. اها ديوار تقريبن 400 سال اڳ مغل دور ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، جيڪا دنيا ??ي سڀ وڏين ديوارن مان ??ڪ آهي. اها ديوار نقشين گليزڊ ٽائل تي ٻڌل موزائيڪ جي ڪم سان زردوري استرڪاري رنگ ڪيل چن جي پلستر ۽ ڪٽيل سرن سان تعمير ڪئي وئي آهي،. مغليه زماني جي نفيس ۽ پيچيده ڪم ۾ انتهائي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي صدر عارف علوي اسلامي تاريخ جي اهم حصي کي محفوظ ڪرڻ جي سخت ڪوششن کي ڀرپور ساراهيو. پڪچر وال ۽ شاهي بورچي خاني جي تحفظ جو ڪم ڪلچر بابت آغا خان ??رسٽ ۽ ملڪ ۾ ان جي گڏيل اداري آغاز خان ڪلچر سروس پاڪستان ??الڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي تعاون سان انجام ڏنو آهي. آغاز خان ??رسٽ براءِ ڪلچر جو ڌيان سڄي دنيا ۾ ڪميونٽيز جي مادي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي بحالي تي آهي، ان ۾ آغا خان ايوارڊ فار آرڪيٽيڪچر، آغا خان ??سٽورڪ سٽيز پروگرام، آغا خان ??يوزڪ پروگرام، آن لائين ريسورس Archnet.org هاروڊ يونيورسٽي ۾ آغا خان ??روگرام فار اسلامڪ آرڪيٽيڪچر ۽ ميسوچيسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي شامل آهن. 2007ع کان آغا خان ??سٽورڪ سٽيز پروگرام والڊ سٽي آف لاهور جي بحالي ۽ مغل دور جي ان ??ادگار کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم پنجاب حڪومت ۽ والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جي حصيداري سان شروع ڪيو جنهن ۾ مسجد وزير خان ۽ شاهي حمام جي بحالي جو ڪم به شامل هو.