اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري آرمي پبلڪ ا??ڪول پشاو?? سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته آرمي پبلڪ ا??ڪول پشاو?? جي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکنداسين جڏهن ته 16 ڊسمبر 2014ع جي ڏينهن کي ملڪ جي تاريخ جو ڪاري ڏينهن طور ت?? ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن آرمي پبلڪ ا??ڪول سانحي جي 7 هين ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته اي پي ايس سانحي جي واقعي ۾ 132 کان وڌيڪ ٻارن ۽ استادن جي شهادت پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو، هنن چيو ته آرمي پبلڪ ا??ڪول جي ان معصوم هيروز دهشتگردي کان پاڪ ۽ تعليم يافته پاڪستان جي لاءِ قوم کي متحد هجڻ جو پيغام ڇڏي ويا آهن. اسپيڪر چيو ته 7 سالن کانپوءِ به اي پي ايس سانحو ناقابل برداشت درد جي موجودگي جي طور ت?? محسوس ٿيندو آهي. هن چيو ته قوم کي شهيدن جي خاندانن تي فخر آهي جنهن ان عظيم صدمي کي برداشت ڪيو آهي، پوري قوم ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ براب?? جي شريڪ آهي.