اسلام آباد ?? 17 ??سمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريگولي??ري اٿارٽي?? جي موثر ڪردار تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ريگولي??ري اٿارٽي?? جي سربراه?? جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي حق?? جي تحفظ لاءِ ريگوليٽرز جو اهم ڪردار آهي. ريگوليٽرز موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگولي??ري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائين. وزيراعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ريگولي??ري اٿارٽي?? جي موثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ريگوليٽرز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻائين. ريگولي??ري اٿارٽي?? جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿارٽي?? جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمت?? جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.