اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اڄ اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ م??ڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته مخال ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فن??نس بل منظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخالف ڌر کي ڀرپور ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري مخالف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ضمني فن??نس بل سان عام م??ڻهو تي ڪو به اثر نه پون??و، عام م??ڻهن کي متاثر ڪندڙ شين تي ٽيڪس جي معاملي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ضمني فن??نس بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف تياري ڪري وٺي، هاڻي ان کي حساب ڏيڻو پوندو. شريف فيملي جا ڪجهه ماڻهو فرار ٿيا آهن ۽ ڪجهه عدالتن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا آهن.