پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز ملڪ مان ڀڄڻ چاهين ٿا، ان ??اءِ هو عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جو ڊرامو ڪري رهيا آهن، اسان ان ڳالهه جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ته قوم جي لُٽيل دولت واپس ڪرڻ کانسواءِ کين ٻاهرين ملڪ وڃڻ ڏيون، مخالف ڌر پارٽين ۾ سياسي ڄامڙا ويٺل آهن، انهن جي پارٽين جي اندر پنهنجي ريسرچ ۽ سوچ نه آهي، 1947ع کان 2006ع تائين اسان جو ڪل قرض 6 ٽريلين روپيا هو، 2008ع کانپوءِ نواز شريف ۽ زرداري پنهنجي 10 سالن ۾ 23 ٽريلين قرض ورتو، ايندڙ ٻن سالن ۾ اسان 18 بلين ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي ان ??اءِ اسان کي سستا قرض کڻڻا پوندا، اسحاق ڊار اينڊ ڪمپني پاڪستان ۾ ڊي انڊسٽرلائيزيشن ڪئي، پاڪستان جي معيشت سروس سيڪٽر اڪانومي بڻجي وئي هئي، ان اسڪلڊ ليبر ۽ بي روزگاري ۾ اضافو ٿيو، اسان ساڍا تن سالن ۾ انڊسٽري ۽ زراعت کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي بمپر پيداوار ٿي آهي، اسان ??وري منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ سياسي استحڪام نه هو، اڄ پهريون ڀيرو عمران خان سمورن ادارن کي گڏ کڻي هلي رهيو آهي، اسان ڪڏهن ڇڪتاڻ جي سياست ناهي ڪئي، اڄ سمورا ادارا عمران خان جي وين کي سمجهن ٿا، سمورا ادارا حڪومت سان ??دم سان ??دم ملائي هلن ٿا. هي اهي ڪاميابيون آهن جيڪي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف حاصل ڪيون آهن ۽ انهي ڪري پاڪستان استحڪام جي طرف وڃي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور پريس ڪلب ۾ رحيم الله يوسفزئي مرحوم ۽ ثناءُ الله مرحوم جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چي?? ته رحيم الله يوسفزئي سان ??نهنجو ويجهو ۽ پراڻو لاڳاپو هو، افغان ??عاملن تي هو ڪمانڊ رکندو هو. رحيم الله يوسفزئي جو سڀ کان اهم ڪم اهو ه?? ته هو پنهنجي رپورٽنگ ۾ انٽگريٽي کي برقرار رکندو هو، انٽگريٽي ڪنهن به رپورٽر لاءِ اهم آهي ان جا پنهنجا جيڪي به خيال هجن پر هو رپورٽ اها ڪري جيڪو ان جي اک ڏٺو هجي. هن چي?? ته بدقسمتي سان ڪجهه صحافين جي ذاتي پسند ۽ ناپسند ايتري وڌي وئي آهي ته هنن فيڪ نيوز پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چي?? ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي پريس طاقتور ۽ آزاد آهي، تمام گهٽ ملڪن جي اهڙي مثال ڏئي سگهجي ٿي جتي ميڊيا ايترو آزاد هجي، هن چي?? ته دهشتگردي جي ڪري جتي باقي معاشري جي لاءِ مسئلا پيدا ٿيا اتي پريس ڪلب ۽ صحافين جي لاءِ به مسئلا پيدا ٿيا، پشاور ۽ خيبرپختونخوا جي صحافين دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون آهن، هن چي?? ته فري پريس جي راهه ۾ سڀ کان ??ڏي رڪاوٽ اسان جي اسٽرڪچر ۾ ورڪنگ صحافين کي ايڊيٽوريل پاليسي کان آئوٽ ڪرڻ آهي، ميڊيا جي اادارن ۾ ايڊيٽوريل پاليسي تي اونرز جو قبضو آهي، صحافتي تنظيمن ۽ ٻين ريگوليٽري ادارن کي پريس جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چي?? ته ميڊيا جي ادارن 40 سيڪڙو منافعو ڪمايو پر ميڊيا ورڪرز جون پگهارون نه وڌيون. هن چي?? ته اسان جون سئو وڏين ڪمپنين 929 ارب روپيا منافعو ڪمايو، ڪجهه ڪمپنين وزيراعظم جي چوڻ تي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو، ان تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون، پر اڃان به ڪجهه اهڙا ادارا موجود آهن جنهن منافعي جي باوجود پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ناهي ڪيو، هڪ ڪمپني جي منافعي ۾ 40س يڪڙو اضافو ٿئي ته ان جو ڪم آهي ته هو پنهنجي ورڪرز جي پگهار ۾ اضافو ڪري، هن چي?? ته ايڊيٽوريل پاليسي مالڪن کان شفٽ ٿي ورڪنگ جرنلسٽس وٽ اچڻ گهرجي ته جيئن هو پروفيشنل انداز ۾ هلي سگهي.اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان جي سياسي پارٽين ۾ به ڄامڙا ويٺل آهن، اسان جي سياست ۾ سطحي ليول آهي، ڪجهه پوليٽيڪل پارٽين جي پنهنجي ريسرچ ۽ سوچ آهي، پارليامينٽ ۾ انهن بحث شروع ڪئي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام نه وٺڻ گهرجي پر ان جو متبادل پيش نه ڪيو وي?? ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، هن چي?? ته 1947ع ۾ پاڪستان آزاد ٿيو، ان ??قت کان 2006ع تائين اسان ڪل قرض 6 ٽريلين روپيا ورتو جنهن مان اسان اسلام آباد شهر ٺاهيو، گوادر خريد ڪيو، فوج کي مضبوط بڻايو، پاڪستان جو اسٽرڪچر بڻايو، موٽرويز ٺاهيون پر 2008ع ۾ جڏهن زرداري ۽ ان کانپوءِ نواز شريف آيو ۽ انهن پنهنجي 10 سالن ۾ دوران 23 ٽريلين قرض ويرتو، ان رقم مان ڇا ڪيو؟ هن چي?? ته اڄ انهن جي ورتل ان ??رض کي اسان کي لاهڻو پئجي رهيو آهي، اسان سستو قرض کڻي مهانگو قرض ادا ڪري رهيا آهيون، هن چي?? ته الله جو شڪر آهي ته هن وقت ملڪ ۾ عمران خان جي حڪومت آهي، خيبرپختونخوا کي ڪريڊٽ وڃي ٿ?? ته هن عمران خان جي صورت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي موقعو فراهم ڪيو ۽ پاڪستان جي سياست ۾ ٽو فيملي سسٽم جو خاتمو ڪيو ۽ ملڪ ۾ سياسي تبديلي کي ليڊ ڪيو، وفاقي وزير چي?? ته عمران خان سنجيدگي سان ??لڪ کي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي سوشل ويلفيئر اسٽيٽ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ??ديني جي رياست جي طور تي سوشل ويلفيئر جي نظام جو بنياد رکيو، خيبرپختونخوا جي حڪومت ڪارڊ جهڙو انقلابي پروگرام شروع ڪيو، هاڻي اهو پروگرام پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان کي بلوچستان ۾ به شروع ڪيو پيو وڃي، هن چي?? ته ان ??روگرام تحت 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت هر شهري کي فراهم ڪئي وئي آهي، راشن پروگرام به شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان ??روگرام تحت غريب ماڻهن کي کاڌي پيتي جي ضروري شين تي 30 سيڪڙو تائين رعايت ڏني ويندي، هن چي?? ته اسان ??ڪ سوشل ويلفيئر اسٽيٽ جو بنياد رکيو، هن چي?? ته ملڪ ۾ ڊي انڊسٽريلائيزيشن ٿي رهي هئي، هر شيءَ ٻاهران گهرائي استعمال ڪئي پئي وئي، اسحاق ڊار اينڊ ڪمپني روپئي جي قدر کي هٿرادو طريقي سان ڪنٽرول ڪيو. هن چي?? ته جڏهن به ڊالر وڌندو آهي ۽ روپئي جو قدر ڪرندو آهي ته سڀ کان ??ڌيڪ فائدو ان شخص کي ٿيندو آهي جنهن جو پئسو ٻاهر آهي، هن چي?? ته هن هڪ اهڙو ماڊل جوڙيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڊي انڊسٽرلائيزيشن ٿي ۽ پاڪستان جي معيشت سروس سيڪٽر اڪانومي بڻجي وئي، ان جي نتيجي ۾ ان اسڪلڊ ڊويلپ ٿي، بي روزگاري وڌي، هن چي?? ته اسان ??نهنجي ساڍا ٽن سالن ۾ انڊسٽري ۽ زراعت کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي بمپر پيداوار ٿي آهي، هن چي?? ته جڏهن وزيراعظم عمران خان اقتدار سنڀالي?? ته عالمي مارڪيٽ ۾ پام آئل جي قيمت 500 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي ويجهو هئي، ۽ اڄ اها 1300 ڊالر ميٽرڪ ٽن جي ويجهو آهي. اهڙي طرح پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون به 40 ڊالر کان ??ڌي ڪري 92 ڊالر تي پهچي ويون آهن جيڪي شيون ٻاهران گهرايون وينديون آهن اهي مهانگيون آهن، اسان ان ??هانگائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي آمدني ۾ اضافي جون ڪوششون ڪيون، اسان ??اڻهن جي آمدني وڌائڻ تي زور ڏنو. 1100 ارب روپيا زرعي معيشت ۾ ويا، تعميرات جي شعبي ۾ هڪ هزار روپين جي سيڙپڪاري ٿي، انهن سمورين ڳالهين کانپوءِ ڪورونا وبا اچي ۽ ان ??وري دنيا کي جڪڙي ڇڏيو، جيڪڏهن ڪو ملڪ ڪورونا وبا مان ??اهر نڪري آي?? ته سڀ کان ??هرين پاڪستان ??و ان جي تصديق ڪانومسٽ ۽ بلومبرگ به ڪئي ته سڀني کان ??ڌيڪ ڪورونا وبا ۽ معاشي بحران جو بهترين طريقي سان ??قابلو پاڪستان ڪيو، هن چي?? ته اسان ??وري منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ سياسي استحڪام نه هو، اڄ پهريون ڀيرو عمران خان سمورن ادارن کي گڏ کڻي هلڻي رهيو آهي، اسان ڪڏهن ٽڪراءُ واري سياست ناهي ڪئي، اڄ سمورا ادارا عمران خان جي ويزن کي سمجهن ٿا، سمورا ادارا حڪومت سان ??دم سان ??دم ملائي هلن ٿا، هي اهي ڪاميابيون آهن جيڪي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف حاصل ڪيون آهن ۽ انهي ڪري پاڪستان استحڪام جي طرف وڃي رهيو آهي. وفاقي وزير چي?? ته سياسي پارٽيون ٽرانسفارميشن جي عمل مان گذري رهيون آهن، پي ايم ايل اين ۾ شريف فيملي جو اقتدار ختم ٿي رهيو آهي ان کانپوءِ ڪير پي ايم ايل اين جي سامهون اچي ٿو، پيپلزپارٽي ۾ به بلاول ڀٽو ليڊ نه پيو ڪري سگهي ته پيپلزپارٽي جو ليڊر ڪير هوندو. ان ??وجب پاڪستان اڳتي هلندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته هڪ ٻه ماڻهو ملڪ کان ??اهر هليا وڃن ته پاڪستان جي سياست کي رڪجي ناهي وڃڻو، پاڪستان جي سياست هلندي رهندي، جنهن قسم جون اسان ??اليسيون ورتيون آهن، ايندڙ پنج سالن ۾ انهن جا ثمر سامهون ايندا، ايندڙ مدت جي اندر اسان ڏسنداسين ته اهي پاليسيون گهاٽو وڻ بڻجنديون. پاڪستان جي سمت درست طرف گامزن آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چي?? ته اتحادي پارٽيون هجن يا ڪا به سياسي پارٽي هجي، سياست ماڻهن کي پنهنجي مفاد جي ڪرڻي هوندي آهي، هن وقت عمران خان کي جيڪو ڇڏي ويندو ان جي پنهنجي سياسي حيثيت زيرو ٿي ويندي، توهان ڏسندا ته ايندڙن جون لائينون لڳي وينديون ۽ وڃڻ وارا توهان کي ڪير به نه ملندو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ميڊيا نه مخالف ڌر جي ڳالهه ٻڌي نه حڪومت جي ٻڌي، ميڊيا ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ڊيٽ جي شرح کي ڏسي جيڪا 2018ع ۾ ڪيتري هئي ۽ هاڻي ڪيتري آهي، هاڻي ان شرح ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي ان جو مطلب آهي ته اسان ??سلسل قرض واپس ڪري رهيا آهيون. قرضن جي ادائيگي لاءِ اسان کي قرض وٺڻا پئجي رهيا آهن، ايندڙ ٻن سالن ۾ اسان 18 بلين ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي ان ??اءِ اسان کي سستا قرض وٺڻا پوندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چي?? ته فيصل واوڊا جي ڪيس ۾ ليگل آپشنز موجود آهن، هو اهي استعمال ڪندو، اميد آهي ته فيصل واوڊا کي اعليٰ عدليه مان انصاف ملي ويندو. وفاقي وزير چي?? ته خيبرپختونخوا صوبي جي عوام دهشتگردي جو مقابلوي ڪيو اهو واکاڻ جوڳو آهي، اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي جوانن قربانيون ڏنيون، انهن جي احسان جي ڪري اسان امن جي زندگي گزاريندا آهيون، پاڪستان ڪمزور نه آهي، اسان ??هرين به ثابت ڪيو آهي، هاڻي به ثابت ڪنداسين ته اسان ڪمزور نه آهيون، وفاقي وزير هڪ سوال تي چي?? ته شهباز شريف ۽ مريم نواز جو عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جو مقصد اهو آهي ته کين ملڪ کان ??اهر وڃڻ جي اجازت ملي وڃي پر اسان کين ان ??قت تائين ملڪ کان ??اهر وڃڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون جيستائين هو قوم جو لُٽيل پئسو واپس نٿا ڪن.