اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ ۽ ضمير فروشي جي راند بند ٿيڻ گهرجي، سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان جو ازالو ناهي ٿيو، اتي خچر ٽريڊنگ، گهوڙا ٽريڊنگ ۽ گڏهه ٽريڊنگ جي منڊي لڳل آهي، جهڙي طرح ??ان ضمير فروشي ٿي رهي آهي، ان کي روڪڻ ضروري آهي، اٽارني جنرل جو موقف آهي ته ايم اين اي جو ووٽ پارٽي جو ووٽ آهي، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو اسپيڪر ڪندو جڏهن ته تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انته??ئي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ??ان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياست جو بنياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي توان??ئي وارو وفاقي وزير حماد اظهر به موجود هو. چوڌري فواد ح??ين چيو ته وزيراعظم جي چونڊ يا بي اعتمادي رٿ سميت فنانس بل تي ايم اين اي جو ووٽ پارٽي جو اجتماعي ووٽ آهي، جيڪو پارلياماني اڳواڻ جي ذريعي استعمال ٿيندو آهي، انهي نڪتي تي سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل جا دليل جاري آهن، جيڪڏهن ان ووٽ تي پابندي نه هجي ها ته پوءِ آرٽيڪل 63 اي آڻڻ جو فائدو ئي ڪهڙو هو، هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل ان ڳالهه ??ان جڙيل آهي ته عدليه هارس ٽريڊنگ تي ڪاررو??ئي ڪري، هن چيو ته اٽارني جنرل بينظير ڀٽو ڪيس جوحوالو ڏنو، ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سڄي ڳالهه وضاحت ??ان بيان ڪئي آهي، هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث ماڻهو پنهنجو ووٽ استعمال ڪري سگهندا يا نه ان باري ۾ فيصلو اسپيڪر ڪندو پر تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي. اهن چيو ته اهو ڪيس پاڪستان جي سياست جي مستقبل جو بنياد آهي، هن چيو ته عدالت ۾ سنڌ هائوس جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پوليس سنڌ هائوس تي جيڪو ايڪشن کنيو، عدالت ان مان مطئمن آهي ۽ ان معاملي کي ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان جو مداوا ناهي ٿيو. سنڌ هائوس ۾ جهڙي طرح ??ان ضمير فروشي ٿي رهي آهي ان کي روڪڻ ضروري آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو نٿا رکي سگهن ۽ انهن سنڌ هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪيو، پوليس ان تي ڪاررو??ئي ڪئي ۽ اهو معاملو ختم ٿي ويو آهي، هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني لاءِ ووٽ خري?? ڪرڻ جون وڊيوز آيون جيڪي اليڪشن ڪميشن موڪليون ويون پر ان تي ڪاررو??ئي نه ٿي، جيڪڏهن ان وقت ڪاررو??ئي ٿئي ها ته اڄ ماڻهو خري?? ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڌنڌو بند ٿي وڃي ها ۽ ا??ان کي هارس ٽريڊنگ کي ٻيهر منهن نه ڏيڻو پئي ها، چوڌري فواد ح??ين چيو ته عدليه فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته ووٽ جي ٽريس ايبلٽي کي يقين بڻايو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن تي سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳي ٿو ته ان جو ووٽ ٽريس ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اهو بحران درپيش آهي، هن چيوته هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انته??ئي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ??ان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياست جو بنياد رکيو ويندو، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو اسپيڪر ڪندو جڏهن ته نااهلي جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو اهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پارٽي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي منتخب ٿي پارليامينٽ ۾ اچي ۽ ان کي پارٽي پاليسي ??ان اختلاف هجي ته اهو مستعفي ٿي عوام وٽ ٻيهر وڃي، اليڪشن وڙهي ۽ عوام جي ووٽ ??ان چونڊجي اچي پر ائين نٿو ٿي سگهي ته عمران خان جي نالي تي يا ڪنهن پارٽي جي منشور تي اليڪشن کٽي اچي ۽ پوءِ انهي جي پٺي ۾ ڇرو هڻي، هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم ڪابينا جو حصو آهن، ٻه ٻه وزارتون انهن وٽ آهن، جيستائين اتحادي ڪابينا ۾ آهن ته ظاهر آهي اهي گڏ آهن، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته آرٽيڪل 63 اي تاحيات نااهلي بابت آهي، ان باري ۾ فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ان کان پهرين فيصلو ڏئي چڪي آهي ته جيڪڏهن نااهلي جو مدو آئين ۾ لکيل ناهي ته اهو تاحيات آهي. اهو فيصلو آرٽيڪل 63 تي آهي، آرٽيڪل 63 اي تي نه هو، ا??ان تشريح لاءِ آيا آهيون ته آرٽيڪل 63 جو فيصلو 63 اي تي به لاڳو ٿيندو يا نه.