اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي 10 ڪشميري نوجوانن جي قتل جي سخت لف??ن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي نالي تي بي گناهه ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻائي رهي آهي، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??يو آهي ته ڀارت ڪشميري نوجوانن جو عدالت کان مٿانهين قتل جون ڪارروايون بند ڪري، ڀارت ظالماڻي ڪاررواين سان ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، صدر ??يو آهي ته ڀارتي بربريت جي خلاف ڀارت جي غير قانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مقامي آزادي واري تح??يڪ کي دهشتگردي سان نٿو جوڙي سگهجي، صدر ??يو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت لڄائيندڙ ڪاررواين سان انتهاپسند هندوتوا جو چهرو بي نقاب ٿيو آهي، هن چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي، صدر ??يو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي.