اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف رش وارين جاين تي ڪورونا وائرس کا?? بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مڪمل ويڪسينيشن، بوسٽر ڊوز، ماسڪ، سينيٽائيزر جو استعمال ۽ سماجي فاصلي جو خيال رکيو وڃي، عيدالاضحيٰ تي مويشي منڊين، شادين ۽ نجي محفلن ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر جو استعمال يقيني بڻايو وڃي، ڪوويڊ 19 کا?? پنهنجي پي??رن کي بچائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، چيف سيڪريٽريز صوبن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي صورتحال بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، راڻا ثناءُ الله، شيري رحمان، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين، سيڪريٽري اطلاعات، سيڪريٽري نيشنل هيلٿ سروسز ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس کي پاڪستان سميت عالمي سطح تي هن وقت ڪوويڊ 19 جي موجوده صورتحال تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪيسن جي انگ ۾ مجموعي طور تي گهٽتائي جو رجحان آهي، گذريل اوميڪرون جي لهر کا??پوءِ اوميڪرون جو نئون ويرينٽ تازو ئي پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 ڪيسز ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، جنهن جي ڪري 28 جون تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي شرح 3 سيڪڙو کا?? وڌي وئي، نئين ويرينٽ ۾ اسپتالن ۾ داخلا جي شرح ڪوويڊ 19 جي پهرين سڀني لهرن کا?? گهٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ملڪ ۾ ويڪسينيشن جي موجوده صورتحال تي به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ هن وقت 12 سالن کا?? وڌيڪ 86 سيڪڙو آبادي مڪمل طور تي ويڪسينيٽيڊ آهي، جڏهن ته 93 سيڪڙو کي گهٽ کا?? گهٽ هڪ ڊوز لڳي چڪو آهي، پاڪستان ۾ هن وقت ويڪسينيشن لڳائڻ ??ي سگهه 2 لک روزانو کا?? وڌيڪ آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين سڄي آبادي کي مڪمل طور تي ويڪسينيٽيڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به ويڪسينيشن جو عمل تيزي سان پڄاڻي طرف گامزن آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بارڊر تي ٻاهرئين ملڪ اچ وڃ جي به ڪڙي نگراني جي لاءِ قدم ۽ فاسٽ ٽريڪ ايپ کي صارفين جي لاءِ آسان ۽ بهتر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملد??رن کي نه رڳو ڪوويڊ 19 ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ پر ان حوالي سان عوامي آگاهي به وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڀني اد??رن خاص طور تي اين سي او سي کي ڪوويڊ 19 جي دوران خدمتون سارهه جوڳيون آهن. فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز، ڊاڪٽرز، رضاڪ??رن جي ڪوويڊ 19 دوران خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪوويڊ 19 کا?? بچاءُ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران شهيد ٿيندڙ هيلٿ ورڪرز قوم جي تحفظ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.