اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اس??ام آباد جي ڪورنگ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي بچائڻ تي ريسڪيو ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه، اس??ام آباد جي ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي فرض شناسي جو عمده مثال قائم ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چي?? ته طوفاني ٻوڏ وهڪري ۾ ريسڪيو جي عملي جنهن بهادري، مهارت ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو آهي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته شديد موسمي حالتن ۾ والدين پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان ذميواري جو مظاهرو ڪن، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته ڪو حادثو نه ٿيو. وزيراعظم چي?? ته راولپنڊي سميت سڄي ملڪ جي ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون اس??ام آباد ٽيم جي مثال جي پوئلڳي ڪن، هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي. هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح ٽيم ورڪ، محنت ۽ بهادري سان ڪم ڪ??يون ته انشاءَ الله مشڪلاتن جي طوفاني وهڪرن مان سرخرو ٿي نڪرنداسين. هن چي?? ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ قومي ۽ انساني همدردي جي جذبي سان پنهنجي اهل وطنن جي مدد ڪريو.