اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ عالمي ??رادري جي تعاون سان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ متاثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم شه??از شريف چيو ته هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. وزيراعظم عالمي ??رادري پاران همدردي جي اظها?? ۽ ??عاون جي خاطري تي انهن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي نئين سر تعمي?? ۽ ??بادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.